سنڌ ۾ بشير ميمڻ پ پ جو مقابلو ڪري سگهندو؟

لاهور (عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ سربراهه نواز شريف پيپلز پارٽي خلاف ڪارڊ کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيا، جواب ۾ آصف زرداري به (ن) ليگ کي  ڪو سرپرائيز ڏيندو.

نامياري صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته بشير ميمڻ کي (ن) ليگ سنڌ جو صدر مقرر ڪرڻ اصل ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي کي چيڙائڻ برابر عمل آهي. ڇاڪاڻ  ته بشير ميمڻ ايف آءِ اي جو سربراهه هجڻ دوران آصف علي زرداري خلاف جعلي اڪائونٽن جي رپورٽ تيار ڪئي هئي.

رهيو سوال ته ڇا سنڌ ۾ بشير ميمڻ پيپلز پارٽيءَ  کي ڏکيو وقت ڏئي سگهندو. ڇا هڪ اڳوڻو ڪامورو سياست ۾ آصف زرداري جو مقابلو ڪري سگهندو. اهو ته وقت ٻڌائيندو. نواز شريف ٻيو ڪارڊ ايم ڪيو ايم سان چونڊ اتحاد ڪري کيڏيو آهي. نواز شريف جو شايد خيال آهي ته ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ ٻين پ پ مخالفن سان اتحاد ڪري پيپلز پارٽيءَ جومقابلو ڪيو وڃي.

ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيندو  اهو ته وقت ٻڌائيندو، ڇو ته ان دوران  آصف علي زرداري به نواز شريف کي  ڪو سرپرائيز ڏئي سگهي ٿو.  ڇو ته ايم ڪيو ايم کي وفاق بدران سنڌ حڪومت ۾ حصو گهربل هوندو آهي.چونڊن تائين نوان اتحاد ٺهندا به ڊهندا به آهن، ان ڪري پيپلز پارٽي ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪري ٿي ايندڙ ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 8 نومبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.