ڪوٽڙي (ن ع آ) ڪوٽڙي ۾ عورت سان مڙس جي پگھار ڏيڻ جي بھاني جنسي زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي، ڪوٽڙي جي رهواسڻ عورت مسمات حنا زال ڪامران ٽن ڄڻن تي اغوا ۽ جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جو الزام هنيو، متاثر عورت جي فرياد تي ڪوٽڙي ٿاڻي تي عمر دراز، نديم ممتاز ۽ نامعلوم شخص خلاف ڪيس داخل ٿي ويو، ڪيس ۾ عورت ڄاڻايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هو پنهنجي مڙس جي پگهار وٺڻ لاءِ فيڪٽري تي وئي ته فيڪٽري وارن پگهار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنھن بعد مون کي عمر دراز جو فون آيو ۽ مونکي پگھار ڏيڻ جو چئي مون کي ھرڻ چوڪ ڪوٽڙي اچڻ لاءِ چيو جڏهن ھرڻ چوڪ پهتيس ته ڪار ۾ سوار 3 ڄڻا مون کي زبردستي کڻي ويا، عمر دراز مون کي اڻڄاتل هنڌ وٺي وڃي زبردستي زيادتي جو نشانو بڻايو، دانهن باوجود ظالم مون سان زيادتي ڪندو رهيو، انصاف ڪيو وڃي.