حيدرآباد/ڄامشورو /ڪنڌ ڪوٽ (نماندن وٽان) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي ھدايت تي پارٽي جي مرڪزي وفدن مختلف ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز سان ملاقات ڪري کين غير قانوني افغانين جي نيڪالي بابت اياز لطيف پليجي جو پيغام ڏنو ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، جوائنٽ سيڪريٽري خادم سمون، نذير احمد بليدي، غلام نبي سومرو ۽ معشوق چانڊيو جي اڳواڻي ۾ وفد شھباز بلڊنگ ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد طارق قريشي ۽ ايس ايس پي امجد شيخ سان ڌار ڌار ملاقات ڪري غير قانوني افغانين جي نيڪالي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، ملاقات ۾ ڊي سي حيدرآباد قومي عوامي تحريڪ جي وفد جي ٻڌايو ته اڃا تائين حيدرآباد ۾ ھڪ به غير قانوني افغاني گرفتار ناھي ٿيو، ايس ايس پي امجد شيخ چيو ته غيرقانوني ماڻهن جي نشاندهي بابت ڊي سي حيدرآباد نادرا سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ٻئي پاسي اياز لطيف پليجي چيو آهي ته غير قانوني افغاني ۽ ٻيا پرڏيهي پاڪستان لاءِ وڏو خطرو آھن، سنڌ ۾ غير قانوني افغانين ۽ ٻين پرڏيھين جي نيڪالي لاءِ انتظاميه جو رويو انتھائي سست آھي، جنھن ڪري غير قانوني پرڏيھي محفوظ جڳھين تي منتقل ٿي رھيا آھن.