ڇاڇرو (رپورٽ يعقوب بجير) ٿر جي ۾ فصلن جو گهٽ اگھه ملڻ، غيرقانوني وياج جي ڪاروبار ۽ سرڪاري زمينن تي قبضن خلاف سنڌ هاري ڪاميٽي پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻن ڪامريڊ امداد قاضي، ڏامرومل، ديال ميگھواڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مين چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڇاڇرو شهر ۾ 40 کان وڌيڪ وياج جا اڏا پوليس جي سرپرستي ۾ هلي رهيا آهن، هزارين مسڪين ماڻهن جا قيمتي زيور سرڪاري ملازمن جا چيڪ بڪ اي ٽي ايم ڪارڊ گروري پيل آهن، قرضن ۾ ٻڏل ماڻهن جا گهر تباھ ٿي ويا آهن، متاثر وياج خورن خلاف درخواستون کڻي دربدر ٿي رهيا آهن پوليس ڪا به قانوني ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ٿر جا منافعي خور واپاري غريبن لاءِ عذاب بڻيل آهن، سرڪاري زمينن تي قبضا ختم ڪيا وڃن.