سکر/گهوٽڪي/خانپور مهر(نمائندن وٽان) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ مارشل لا جو رستو بند ٿي چڪو آهي، اليڪشن وڙهڻ لاءِ ڪنهن کي به منع ناهي، مقابلا ٿيندا ته بهتر نتيجو ملندو، منهنجي ڌرتي سان ياري آهي، پاڪستان کي ٺاهيو سنڌ آهي ۽ بچائيندي به سنڌ، پ پ حڪومت ۾ اچي روهڙي ڪينال کان لائيننگ شروع ڪرائيندي جنهن سان اپر سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو، اهڙو اظهار آصف زرداري خانڳڙهه جي گوهر پيلس ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته گهوٽڪي جي ماڻهن سان سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ ڳالهائڻ لاءِ دل چوي ٿي، پر مون کي ڏسندڙ اکيون ۽ ٻڏندڙ ڪن اسان جي اها ٻولي نه سمجهندا، ان ڪري مخالفن ۽ دشمنن کي جواب ڏئي رهيو آهيان، آصف زرداري چيو ته اسان وٽ وڏي انگ ۾ افغان ڀائر آيل آهن، اسان چاهيون ٿا ته اهي واپس وڃن پر اهي واپس ڪيئن وڃن، اتي ڇا آهي جو اهي ويچارا وڃن، وڏا مسئلا آهن،اهي مسئلا ان وقت ٿيندا آهن جڏهن اڳواڻن جي سوچ گهٽ هوندي آهي، هن چيو ته پي ڊي ايم حڪومت ۾ دوستن منهنجي ڳالهه نه مڃي پاڪستان جو نقصان ڪيو، اسان عمران خان کي ان ڪري نه هٽايو ته حڪومت اسان کي گهرجي، 8 سالن دوران نه حڪومت ڪم ڪيو ۽ ٻين کي ڪرڻ ڏنو، ملڪ ۾ عوام جي خدمت ۽ ترقي جي ضرورت آهي، سنڌ ۾ پهريان هڪ جتوئين وٽ پل هئي، اسان 7 پليون ٺاهيون، هاڻي حڪومت ۾ اچي روهڙي ڪينال کان لائيننگ جو ڪم شروع ڪيو ويندو، جنهن سان اپر سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو، آصف زرداري چيو ته فلسطين ۾ مسلمانن سان ظلم ٿي رهيو آهي، افسوس ته اسان ڪجهه نه ڪري سگهيا آهيون، ان ڪري رڳو دل سان درد نه پر عملي ۽ هٿ سان مدد ڪرڻي پوندي، آصف زرداري چيو ته ڀٽو جي قبر تي لکيل آهي ته هتي دفن آهي عوام جو نوڪر، اسان به غريبن جي نوڪري ڏيون ٿا،صدقو ۽ روزا نه پر ماڻهن جي خدمت ڪم ايندي، مان خيالي نه پر عملي سوچيندو آهيان،18هين ترميم تحت اختيار پارليامينٽ حوالي ڪرڻ پٺيان هڪ سوچ آهي، هاڻي ڪنهن به ڊڪٽيٽر کي مارشلا هڻڻ جي جرئت نه ٿيندي، هن چيو ته اسان جا مخالف اليڪشن ۾ بيهندا ته اسان ويلڪم ڪنداسين، اليڪشن ۾ مقابلو ٿيندو ته بهتر نتيجو ملندو، اسان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان ڪنهن کي منع ناهي ڪيو، پر هرهڪ جو پنهنجو فلسفو آهي، هن چيو ته مان ورڪرن جي هٿان مجبور آهيان جنهن ڪري ٻاهر نٿو وڃي سگهان، غيرت، قبر ۽ سياست پنهنجي ڪرڻي آهي اسان جي سياست ڀٽو ۽ شهيد راڻي واري آهي، اسان شهيد راڻي کي دفن ڪري به چيو ته پاڪستان کپي، پاڪستان کي ٺاهيو به سنڌ آهي ۽ سنڌ ئي پاڪستان کي بچائيندي، اسان کي اڳتي لاءِ ڏسڻو آهي، اسان کي ضررتن کي سمجهي انتظام ڪرڻو پوندو، پاڪستان معاشي طور تي ڪمزور ٿي رهيو آهي، منهنجي ياري ڌرتي سان آهي ۽ مرڻو به ڌرتي ۾ آهي، آصف زرداري چيو ته سمنڊ کي صاف ڪري وري پاڻي کي استعمال هيٺ آڻي سگجهي ٿو، جنهن سان 5 کان 6 بلين ڏئي سگهجن ٿا.