اسلام آباد(م ڊ) آمريڪي حڪومت پاڪستان مان 25 هزار افغان پناهگيرن جي واپسي روڪڻ لاءِ پاڪستان جي نگران حڪومت سان لاڳيتو رابطي ۾ آهي. ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني افغان پناهگيرن جي تحفظ لاءِ هاٽ لائن قائم ڪرڻ کان علاوه سڃاڻپ جي لاءِ خط به جاري ڪري ڇڏيا آهن. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪابل ۾ طالبان حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ يا بعد ۾ افغانستان ڇڏي پناهه جي لاءِ پاڪستان منتقل ٿي ويا هئا. آمريڪي اختيارين طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا کي سڀني کان وڌيڪ ڳڻتي خطرن ۾ گهيريل ماڻهن جي سلامتي جي حوالي سان آهي جيڪي آمريڪا منتقل ٿيڻ جا خواهشمند به آهن انهن جي سلامتي ۽ ٻيهر بحالي پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي جي مفاد ۾ آهي. آمريڪي سفارتخاني جي ترجمان جوناٿن اماڻيل هڪ سوالنامي جي جواب ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت افغان شهرين جي جبري بيدخلي جي منصوبي تي عمل ڪري رهي آهي جنهن وٽ پاڪستان ۾ رهڻ جو قانوني جواز نه آهي پر ڊيڊ لائن جي خاتمي کان ڪجهه اڳ ۽ بعد ۾ آمريڪي سفير بلوم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان رابطا پڻ ڪيا آهن.