تحريڪ انصاف هڪ حقيقت آهي، ليڊر اندر ٻاهر ويندا رهندا آهن: شاهد خاقان

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته تحريڪ انصاف هڪ حقيقت آهي، ليڊر اندر ٻاهر ويندا رهندا  آهن، حڪومت کي سوچڻو پوندو ته نيب جو ڇا ڪرڻو آهي، نيب جو ڪم رڳو سياستدانن کي نشانو بڻائڻ آهي، اسان تي جيڪي ڪيس ٺاهيا ويا آهن، اهي هاڻي هلايا به وڃن، هر آءِ ڏينهن تاريخ ڏني وڃي ٿي، جيڪي ڪيس ٺاهيا ويا آهن انهن ۾ ٿيو ڪجهه به ناهي، ڪراچي ۾ احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آصف علي زرداري ۽ نوازشريف سياستدان آهن انهن کي هڪٻئي سان ملڻ گهرجي، ان سان معاملي حل ٿيندا، هن چيو ته نواز شريف سان ذاتي تعلق آهي، هو گهرائيندو ته هليو ويندس، تحريڪ انصاف اقتدار ۾ رهي آهي، ليڊر ته اندر ٻاهر ويندا رهندا آهن، تحريڪ انصاف هڪ حقيقت آهي، پارٽي معاملن تي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي، پر جيڪڏهن نواز شريف گهرائيندو ته هليو ويندس، پارٽي معاملن ۾ مشاوت ۾ شامل نه آهيان، جڏهن ته احتساب عدالت ۾ پي ايس او ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ اڳوڻو وزيراغطم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا، عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 13ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي ۽ شاهد خاقان عباسي جي وچ ۾ عدالت جي اندر ملاقات ٿي، رئوف صديقي پاران شاهد خاقان کي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي.

بلاول ڀٽو جون پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون، چونڊن بابت صلاح مشورا

ڪراچي(رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن سان سنڌ ۾ سياسي صورتحال ۽ ايندڙ چونڊن ۾ حڪمت عملي  جي حوالي سان صلاح مشورا ۽ گڏجاڻيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پ پ عورت ونگ جي صدر شگفته جماڻي، جنرل سيڪريٽري مهرين ڀٽو، روبينا قائمخاني ۽ سعديه جاويد گڏجاڻي ڪئي، ملاقات ۾ عام چونڊن ۾ عورتن جي حصو وٺڻ سميت عورت ووٽرن کي وڌ کان وڌ اجاڳر ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته پ پ چيئرمين کي مختلف پارٽين جي عورت اڳواڻن جي پ پ ۾ شموليت جي حوالي سان به آگاهي ڏني وئي، ان کانسواءِ ڪراچي سان تعلق رکندڙ اڳواڻن نبيل گبول، نادر گبول ۽ علي راشد ڌار ڌار ملاقاتون ڪري لياري سميت پوري ڪراچي ۾ سياسي ۽ چونڊن جي صورتحال تي ڳاليهون ڪيون جڏهن ته  پ پ اڳواڻن مخدوم فخرالزمان  ۽ مخدوم محبوب الزمان به پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري حيدرآباد ۽ مٽياري ۾ سياسي صورتحال ۽ ايندڙ عام چونڊن جي حڪمت عملي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ڊالر ۾ چاڙهه، اسٽاڪ ايڪسچينج 54 هزار پوائنٽن جي حد پار

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو ۽  پهريون ڀيرو 54 هزار جي حد پار ڪري ويو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 54 هزار ٿيو، 100 انڊيڪس پنهنجي بلندي جي نئين تاريخ 54 هزار 312 رڪارڊ ڪئي پر ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي 124 پوائنٽس گهٽتائي سان 53 هزار 735 تي ٿي. اهڙي ريت پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 6 ڏينهن کان جاري هاڪاري ڪاروبار جي پڄاڻي جي لهر ستين ڏينهن ٽٽي وئي. مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 21 ارب رپيا گهٽجي 7 هزار 748 ارب رپيا آهي. انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر هڪ رپيو 10 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر جي قيمت 286 رپيا 39 پئسا آهي ڪاروبار بند ٿيڻ تي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 285 رپيا 29 پيسا ۽ گذريل هفتي 284 رپيا 31 پئسا تي بند ٿيو.

ڪراچي ۾ غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث گينگ جو سربراهه گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جي ڇاپي ۾ غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث گينگ جو سربراهه گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن وٽان ڪروڙين رپيا هٿ ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي اسٽيٽ بينڪنگ سرڪل ڪراچي شهيد ملت روڊ واري علائقي ۾ وڏي ڪارروائي ڪري غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث گينگ جي سربراهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدار وٽان 4 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ماليت جي ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي . ڇاپو ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي بينڪنگ سرڪل جي اڳواڻيءَ ۾ هنيو ويو، هٿ ڪيل پرڏيهي ڪرنسي ۾ 46 هزار 370 آمريڪي ڊالر، 11 هزار 445 برطانوي پائونڊ ۽ 6 هزار 5 سئو يورو به شامل آهن. جوابدار وٽان موبائيل فونز، هنڊي حوالا ڪاروبار جا رجسٽر ۽ ٻيو سامان به هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي . ايف آءِ اي جي ترجمان موجب گرفتار ڪيل جوابدار جي نشاندهي تي ٻين جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ به ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.