نومبر ڪهڙن 4 ستارن لاءِ خوش قسمت مهينو ثابت ٿيندو؟

سال 2023ع پنهنجي پڄاڻي تي پهچي چڪو اهي رڳو 2 مهينن کان پوءِ نئون سال 2024ع شروع ٿي ويندو، گذريل مهينن جيان هن مهيني لاءِ به نجوم علم جي ماهرن ڪجهه اڳڪٿيون ڪيون آهن.

هونئن ته مستقبل جو حال ٻڌائڻ انسانن جي وس جي ڳالهه ناهي پر ستارن جو علم ڄاڻيندڙ ماڻهو مختلف اڳڪٿيون ضرور ڪندا آهن جيڪي ڪڏهن ڪڏهن درست ته ڪڏهن غلط ثابت ٿينديون آهن.

ته پوءِ اچو ته ڏسون ٿا ته ماهرن موجب نومبر ڪهڙن چئن ستارن لاءِ خوشي جي علامت ثابت ٿيڻ وارو آهي؟

برج ثور:

برج ثور سان واسطو کرندڙن لاءِ نومبر مهينو خوش قسمت ثابت ٿي سگھي ٿو، اهو مهينو گذريل مهينن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سٺو گذرڻ جو امڪان آهي.

گھڻا ڪم اوهان جي مرضي موجب ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، يعني جيڪو ڪم اوهان گھڻي عرصي کان ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيو اهو ڪري ڇڏيو باقي نتيجو قدر تي چڏي ڏيو.

برج اسد:

ماهرن موجب براسد به هن مهيني خوش قسمت رهندو، بس ان برج وارن کي ضرورت آهي ته هو پنهنجي زندگي ٿوري نجي رکن ۽ ٻين جي ذاتي معاملن کان پري رهن.

برج عقرب:

هي مهينو برج عقرب وارن جو ئي آهي جنهن ۾ اميد ۽ امڪانن آهن ته انهن جا اٽڪيل ڪم ٿي ويندا، ۽ گھڻيون ڪاميابيون حاصل ٿينديون بس ان لاءِ کين ثابت قدم رهڻ جي اشد ضرورت آهي، ان برج وارا ماڻهو ڪوشش ڪن ته پاڻ کي اهميت ڏين ۽ سوچي سمجهي ڏکيا ڪم ڪن.

برج دلو:

برج دلو جي ماڻهن کي مشورو ڏجي ٿو ته اوهان جي شائستگي تعريف جوڳي آهي، پر ٿورو جهڪڻ کان نه گھٻرايو.

امڪان آهي ته هن مهيني اوهان کي پنهنجي آفيس ۾ اهم اهم ذميواري ملندي، ڪوشش ڪريو ۽ سٺي نموني نڀايو ۽ پنهنجي ڪاميابي جو جشن ملهائڻ کان بلڪل نه گھٻرايو، اوهان کي ضرورت آهي ته پنهنجي ڪاميابي جو ڪريڊٽ قسمت کي ڏيڻ بدران ٿورو پاڻ کي به ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.