ڪراچي(رپورٽر) پيپلزپارٽي ڊجيٽل ميڊيا جي انچارج ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پ پ ايندڙ عام چونڊن ۾ پوري ملڪ مان ڪلين سوئيپ ڪندي، عوام پ پ اميدوارن کي مڪاني چونڊن ۽ ننڍي چونڊن ۾ ڪامياب ڪري ايندڙ اليڪشن ۾ ڪاميابي لاءِ مهر هڻي ڇڏي آهي، اهڙو اظهار هنن پ پ ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته پ پ کانسواءِ ٻيون پارٽيون چونڊن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ آهن، صرف پ پ ئي اليڪشن لاءِ تيار آهي، پ پ ايندڙ چونڊن ۾ پوري قوم کي پاڻ ۾ جوڙڻ واري ويزن سان ميدان ۾ لهندي، هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پ پ ڪراچي سميت پوري سنڌ مان ڪاميابي ماڻيندي. شرجيل ميمڻ ۽ سعيد غني اليڪشن ڪميشن پاران ترقياتي اسڪيمن کي روڪڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته ان عمل سان عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ، سي پيڪ سميت وڏا تاريخي ڪم پ پ ئي ڪيا آهن، بلاول ڀٽو ئي واحد ليڊر آهي جيڪو ملڪ جو نالو دنيا ۾ روشن ڪري رهيو آهي.