علي احمد بروهي قتل ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار:سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آگاهي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ لاڙڪاڻي جي نوجوان علي  احمد بروهي کي ڪارو قرار ڏئي قتل ڪري لاش کي درياهه ۾ لوڙهڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻي چيو ته پوليس ٻن جوابدارن عبدالعزيز ۽ خان محمد کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته درخواستگذار جي وڪيل اخترحسين جبار چيو ته جوابدار گرفتار نه ٿيا آهن پر پوليس جي آڏو سرينڊر ٿيا آهن، روهڙي ڪئنال مان 65ماڻهن جو لاش مليا آهن، انهن جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻي آهي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو چيو ته گرفتار جوابدارن جو رمانڊ ورتو ويندو ته لاش جي خبر پئجي ويندي، ايس ايس پي چيو ته روهڙي ڪئنال جيڪي لاش مليا آهن ان حوالي سان لاڳاپيل پوليس کي لک ۾ خط لکيا ويا آهن پر جواب ناهي ميل سگهيو، عدالت پوليس کي چئن هفتن اندر لاش جي ڳولا ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.