جنرل باجوا سان اختلاف مالياتي هئا، ڊان ليڪس سبب عتاب ۾ آيس:اسحاق ڊار

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ اسحاق ڊار اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) باجوه سان پنهنجن اختلافن جو  سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي. خانگي چينل سان ڳالهين دوران اسحاق ڊار کان سوال ڪيو ويو ته جنرل باجوا کي آرمي چيف بنائڻ ۾ وڌيڪ ڪردار اوهان جو هو پر ان جي باوجود اوهان ٻنهي ۾ اختلافن جو سبب ڪهڙو بڻجو.؟ ان جي جواب ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته مان وڌيڪ سمارٽ نٿي بنجڻ چاهيو پر اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) باجوا سان اختلافن جو سبب فنانشل(مالياتي خسارو) هو. جنرل(ر) باجوه کي آرمي چيف بنائڻ دوران تعاون ڪرڻ بابت سوال تي اڳوڻي ناڻي واري وزير ٻڌايو ته شروعاتي طور تي مون هميشه جنرل(ر) باجوه کي مڃيو. جنرل(ر) باجوه ڊان ليڪس جي انڪوائري رپورٽ جي حوالي سان مون کي بيلنس پوزيشن لاءِ سپورٽ ڪيو هو. ڊرافٽ رپورٽ ۾ پاناما  ۽ جي آءِ ٽي جيان ايجنسي جا 2 برگيڊيئر ۽ 4 سول سرونٽس هئا انهن آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت قدم کڻڻ لاءِ ريڪمنڊ ڪيو هو؟ جيڪو غير شفاف عمل هو. اسحاق ڊار موجب ان حوالي سان نوازشريف چٽو واضح ڪري ڇڏيو هو ته مون پرويزرشيد کان استعيفيٰ وٺي ڇڏي آهي. طارق فاطمي کان به استعيفيٰ اسان وٺنداسين. اسان صحافي سرل الميڊا جي اي پي اين ايس کي رپورٽ ڪنداسين پر ان کان اڳيان اسان نه وينداسين. ان ڳالهه تي مون جنرل(ر) باجوه کي راضي ڪيو  جنهن کان پوءِ هن تعاون ڪيو هو جنهن جو اڄ به اسان کيس ڪريڊٽ ڏيندا آهيون. اسحاق ڊار ٻڌايو ته ڊان ليڪس جي حوالي سان آءِ ايس پي آر جي ريجيڪٽڊ ٽوئٽ وائرل ٿيڻ تي به مون کيس راضي ڪيو ته اوهان جي ماڻهن صحيح نه ڪيو آهي. ان کان پوءِ انهن پنهنجي هڪ ٻن ساٿين کي اوور رولڊ ڪيو. ان کان پوءِ سموريون شيون اوهان جي سامهون آهن. جنرل باجوه  مٿان سوشل ميڊيا تي اٽيڪ ڪيو ويو. ميزبان جي سوال تي اسحاق ڊار واضح ڪيو ته مان وڌيڪ عتاب ۾ ان لاءِ آيس ته مون کي ڊان ليڪس جي رپورٽ کي صحيح ڪرائڻو هو. اڳوڻي ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته ان کان پوءِ اسان جا ڪجهه پاڪستاني ذريعا استعمال ڪرڻ تي مسئلا ٿيا هئا جنهن جي  خبر ڪيترن ئي ماڻهن کي آهي. جنرل(ر) باجوه طرفان دفاعي بجيٽ وڌيڪ گهرڻ تي سامهون ايندڙ اختلاف جي سوال تي اسحاق ڊار چيو ته ڪنهن به حڪومت پنهنجي دور ۾ دفاعي بجيٽ ۾ 550 ارب جو اضافو نه ڪيو. اسان جي اختلافن جو سبب فنانشلي(مالياتي) هئا پر اهي پئسا منهنجي يا ان جي کيسي ۾ نه وڃڻا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.