شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وڏي وزير سان ڳالهائيندس: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد(رپورٽر) حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي وفد پي ايف يو جي، جي صدر افضل بٽ جي اڳواڻي ۾ اطلاعات کاتي واري نگران وفاقي  وزير مرتضي سولنگي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جو مرڪزي اڳواڻ ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون، خالد کوکر، ايڇ يو جي صدر اقبال ملاح، جنرل سيڪريٽري جئي پرڪاش موراڻي، امداد سومرو، ڄام فريد لاکو ۽ ٻيا شامل هئا.ملاقات دوران صحافين جي وفد اطلاعات کاتي واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي کي شهيد جان محمد مهر جي قتل بابت تفصيل ڏيندي چيو ته اڍائي مهينا گذرڻ باوجود شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، سڄي ملڪ جا صحافي سراپا احتجاج آهن پر سنڌ پوليس قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي صحافين جي وفد کي يقين ڏياريندي چيو ته شهيد جان مهر جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪرڻ لاءِ هو سنڌ جي نگران وڏي وزير سان ڳالهائيندو، اسان جو ڪم صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۽ انهن جا مسئلا حل ڪرڻ آهي.هن چيو ته شهيد جان محمد مهر هڪ بيباڪ صحافي هو جنهن جي قتل جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.