ورلڊ ڪپ: بنگلاديش سريلنڪا کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

نئي دهلي ( م ڊ )  آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 38هين ميچ ۾ بنگلاديش سريلنڪا کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.نئين دهلي جي ارون  جيٽلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪا بنگلاديش کي کٽڻ لاءِ 280 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جيڪو هن 42 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو. بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ سريلنڪن جي پوري ٽيم 49.3 اوورن ۾ ڍير ٿي وئي.  بنگلاديش طرفان تنظيم حسن 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شريف الاسلام2   ۽ شڪيب الحسن 2 وڪيٽون ورتيون. پوائنٽس ٽيبل تي هن وقت سريلنڪا ستين ۽ بنگلاديش نائين نمبر تي آهي، ٻئي ٽيمون سيمي فائنل کان ٻاهر آهن. بنگلاديش خلاف سريلنڪا جي چوٿين ۽ پنجين وڪيٽ 135 رنسن تي ڪري پئي، اينجلو ميٿيوز کي امپائر طرفان بنا ڪنهن بال کيڏڻ جي ٽائم آئوٽ ڪيو ويو. قانون موجب نئين بيٽسمين کي 2 منٽن اندر بال کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اينجلو ميٿيوز جي هيلمٽ جي پٽي ڦاٽل هئي، ٻارهين رانديگر نئون هيلمٽ آڻڻ ۾ دير ڪئي، جنهن سبب امپائر کيس آئوٽ قرار ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.