ٽويوٽا پنهنجي سيڊان ڪار يارس جي مختلف ماڊلز جي قيمتن ۾ هڪ لک ويهه هزار رپيا گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، نئين قيمتن جو اعلان نومبر 2023ع لاءِ ڪيو ويو آهي.
ٽويوٽا يارِس سيڊان واهپيدارن ۾ مشهور آهي، هن ڪا جا اسپيئر پارٽس به سولائي سان ملي ويندا آهن.
ٽويوٽا يارِس جا پاڪستان ۾ ماڊل
ٽويوٽا جون 2023 تائين يارِس ڪار کي 6 ورجن ۾ متعارف ڪرايو آهي، بنيادي ماڊل ٽويوٽا يارِس GLI 1.3 آهي جڏهن ته Yaris ATIVMT 1.3، Yaris GLICVT، Yaris ATIVC، جنهن ۾ VT 1.3، Yaris XMT 1.5 ۽ Yaris ATI VXMT 1.5 شامل آهن.
گذريل مهيني، ٽويوٽا انڊس موٽرز آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ کانپوءِ يارِس سميت سمورن ماڊلز جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو اعلان ڪيو.
ڪمپني نئين اپڊيٽ ڪيل قيمت جي لسٽ شيئر ڪئي آهي جيڪا 24 آڪٽوبر 2023 کان سڀني گاڏين لاءِ لاڳو ٿيندي، قيمت ۾ گهٽتائي 1 لک کان هڪ لک 30 هزار رپين جي وچ ۾ هوندي.
ٽويوٽا يارِس جي تازي قيمت
يارِس جي سستي ماڊل جي قيمت هن وقت 4390,000 روپيا آهي، جڏهن ته ٽاپ ورائينٽ 1.5 CVT ايرو جي قيمت 120,000 روپيا گهٽجي وئي آهي ۽ هاڻي ان جي قيمت 5849,000 روپيا آهي.
ٽويوٽا يارِس 1.3 ميٽرڪ 47 لک 59 هزار رپين مان گهٽجي 46 لک 59 هزار رپيا ٿي وئي آهي.
ٽويوٽا يارِس جي ٻين گاڏين جون قيمتون هن ريت آهن.
ٽويوٽا يارِس 1.3 MTLO، 43 لک 99 هزار رپيا.
ٽويوٽا يارِس 1.3 CVTLO، 46 لک 89 هزار رپيا.
ٽويوٽا يارِس 1.3 ميٽرڪ، 46 لک 59 هزار رپيا.
ٽويوٽا يارِس 1.3 CVT هاءِ، 48 لک 99 هزار رپيا.
ٽويوٽا يارِس 1.3 CVT ايرو، 50 لک 99 هزار رپيا.
ٽويوٽا يارِس 1.5 ميٽرڪ، 53 لک 9 هزار رپيا.
ٽويوٽا يارِس 1.5 CVT، 56 لک 49 هزار رپيا.
ٽويوٽا يارِس 1.5 سي وي ٽي ايرو، 58 لک 49 هزار رپيا.