راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي واقعن ۾ شيخ رشيد ۽ سندس ڀائٽي شيخ راشد شفيق جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪري ورتي.
شيخ رشيد جي وارث ٿاڻي تي داخل 9 مئي واقعن جي ڪيس ۾ 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي وئي، شيخ رشيد طرفان سردار عبدالرزاق خان ايڊووڪيٽ پيش ٿيو.
وڪيل موقف اختيار ڪيو ته شيخ رشيد جو 9 مئي واقعن سان ڪو واسطو ناهي، سندس خلاف ڪي شاهديون ناهن، رڳو سياسي انتقام ۽ بدنيتي تي نالو شامل ڪيو ويو.
اسپيشل جج اعجاز آصف ريمارڪس ڏنا ته شيخ رشيد جي عمر جو لحاظ رکڻ گهرجي.
عدالت شيخ رشيد ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر شيخ راشد شفيق جي 8 نومبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتو، راشد شفيق طرفان به ساڳئي وڪيل پيروي ڪئي.
Next Post
You might also like