اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ اسلامي قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، سڀني فرقن سان واسطو رکندڙ عالمن گڏيل راءِ سان دهشتگردن کي دين اسلام کان خارج قرار ڏئي ڇڏيو.
ملڪ ۾ پيغام پاڪستان جي روشني ۾ اتحاد، رواداري ۽ هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ باقاعدي طور ضابطا پيش ڪيا ويا آهن.
”پيغام پاڪستان“ قرآن پاڪ جي حڪمن، پاڻ سڳورن صه جن جي سنت ۽ پاڪستان جي آئين موجب گڏيل دستاويز آهي، جيڪو 16 جنوري 2018 ۾ منظور ٿيو، اهو دستاويز پاڪستان جي رياستي ادارن، يونيورسٽين ۽ مختلف فرقن جي سهڪار سان تيار ڪيو ويو آهي.
پيغام پاڪستان تي وفاق المدارس العربيه، تنظيم المدارس اهلسنت، وفاق المدارس السلفيه، وفاق المدارس الشيعه، رباط المدارس پاڪستان جي 1800 عالمن صحيحون ڪيون.
عالمن فتويٰ ڏني آهي ته اسلامي جمهوريا پاڪستان جو آئين بنيادي حقن جهڙوڪ سماجي ۽ اقتصادي انصاف، قانون جي نظر ۾ برابري، سياسي انصاف، اظهار جي آزادي، عقيدي، عبادت ۽ اجتماع جي ضمانت ڏئي ٿو.
حڪومت، فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن کي غير مسلم قرار ڏيڻ ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ اسلام جي تعليمن جي ابتڙ، بغاوت جي برابر ۽ اسلامي حڪمن ۽ شريعت موجب ”حرام“ آهي.
سمورا عالم هٿياربند فوج سان گڏ آهن ۽ سڄي قوم پاڪ فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار جو اعلان ڪري ٿي، عالمن آپگهاتي بمباري کي شريعت جي روشني ۾ ”حرام“ قرار ڏنو ۽ رياستي ادارن تي زور ڏنو ته اهي اهڙن گروهن خلاف ڪارروائي ڪن.
ڪو عالم ڪنهن شخص کي غير مومن قرار نه ڏيندو، ڇو ته اهي عدالتي اختيارن جي دائري ۾ اچي ٿو، پاڪستان جي سرزمين دهشتگردي کي هٿي، تربيتي سرگرمين ۽ دنيا جي ملڪن ۾ ڪنهن قسم جي ڪارروائي لاءِ استعمال نه ڪئي ويندي.
اقليتي برادري کي به مسلمانن جيان حق حاصل آهن ۽ انهن کي پنهنجي مذهب جي تعليم موجب عبادت جي آزادي حاصل آهي.
سڀني فرقن سان واسطو رکندڙ عالمن گڏيل راءِ موجب دهشتگردن کي دين اسلام کان خارج قرار ڏنو.
You might also like