بابر ۽ رضوان سان سٽي باز ڪمپنين جا رابطا، ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) بابر اعظم ۽ محمد رضوان سٽي باز ڪمپنين جي ڪروڙين رُپين جي آڇ ٿڏي ڇڏي.

دي نيوز موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هڪ رانديگر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته پي سي بي آءِ سي سي ۽ بي سي سي آءِ جي دٻاءُ ۾ محمد رضوان کي غزا جي حق ۾ ڪيل ٽوئيٽ ڊليٽ ڪرڻ جو چيو هو.

واضح رهي ته محمد رضوان ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا خلاف تاريخي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ شاندار سينچري تي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .

محمد رضوان پنهنجو مين آف دي ميچ جو اعزاز فلسطين جي شهيدن جي نالي ڪيو ۽ بعد ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف فلسطين جي حق ۾ ٽوئيٽ پڻ ڪئي هئي.

پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر بيٽر پي سي بي جي دٻاءُ باوجود پنهنجي ٽوئيٽ ڊليٽ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

سٽي باز ڪمپينن جي ذريعن به انڪشاف ڪيو آهي ته بابر اعظم 250 ملين رُپين جي سالياني ڪانٽريڪٽ کان انڪار ڪيو جڏهن ته محمد رضوان رڳو هو سروگيٽ بيٽنگ ڪمپني جي سئو ملين رُپين جي سالياني معاهدي کان انڪار ڪيو ڇو ته اهڙي قسم جي اسپانسرشپس ۽ معاهدا قانون جي خلاف آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.