8 فيبروري جو سج بلاول جي فتح جو پيغام کڻي اڀرندو: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته 8 فيبروري جو سج بلاول جي فتح جو پيغام کڻي اڀرندو.
پنهنجي بيان ۾ آصف زرداري چيو ته ضمني مڪاني چونڊن ۾ فتح تي عوام ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا، سنڌ جي دل ڪراچي به جيئي ڀٽو جو نعرو هنيو، مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان عبدالله مراد جي ڪاميابي ڪراچي واسين جي مخالفن لاءِ خاص پيغام آهي.
هن چيو ته پ پ جو هر ڪارڪن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو سفير بڻجي چونڊ مهم شروع ڪري، 8 فيبروري جو سج بلاول ڀٽو زرداري جي فتح جو پيغام کڻي اڀرندو، عوام کي تڪليف جا ٿورا ڏينهن رهجي ويا آهن، پ پ عوام جون ڏکيائيون ختم ڪندي.
هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ضمني مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ جيالن کي مبارڪون ڏنيون.
هن چيو ته اسان نفرت جي سياست کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست ڏني، عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، 8 فيبروري تي پ پ جي ڪاميابي واضح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.