ڇوڪري ننڍي قد جي آهي، ٿلهي آهي، ڪاري آهي، غريب آهي، امير آهي وغيره جهڙيون ڳالهيون معاشري ۾ شادي جي معيار بابت اوهان به ضرور ٻڌيون هونديون.
پر اصل ۾ خوبصورتي سان گهر ناهي هلندو گهر هلندو آهي سگهڙائپ ۽ سلچڻائپ سان، ان ڳالهه جو مثال سوشل ميڊيا تي هڪ جوڙي جي سادي آهي جتي نوجوان ۽ سندس گهرڀاتي ناري جي معذوري يا هٿن جي نه هجڻ تي کيس رد ڪرڻ بدران محبت سان کيس قبول ڪري رهيا آهن.
اها وڊيو تيزي سان شيئر ڪئي پئي وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته هٿن يا جسم جا عضوا مڪمل هجڻ محبت جو دليل ناهي پر اصل محبت ته اها آهي جيڪا اوهان کي اوهان جي خامين کي ڄاڻيندي ڪئي وڃي ۽ سڀني سامهون نڪاح تائين تائين پهچي ٿي.