ڀارتي بالر صحيح جاءِ تي بالنگ ڪري رهيا آهن اِهو ئي سندن ڪاميابي جو راز آهي: محمد عامر

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي اسٽار آل رائونڊر عبدالرزاق جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ورلڊ ڪپ کٽيو ته بابر اعظم ڪپتان نه وزيراعظم بڻجندو، جڏهن اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر جو چوڻ آهي ته ڀارتي بالرن جي ڪاميابي جو راز صحيح جاءِ تي بالنگ ڪرڻ آهي.

نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ قومي ٽيم جي موجودا ۽ اڳوڻن اسٽار ڪرڪيٽر شرڪت ڪئي ۽ عوام جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا.

هڪ سوال جي جواب ۾ فاسٽ بالر محمد عامر جو چوڻ هو ته ڀارتي بالرن جي بالنگ جو پِچ ميپ ڏسو ته ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ پيڊ تي بال ڀارتي بالرن هنيا آهن.

هن چيو ته ڀارتي بالر صحيح جاءِ تي بالنگ ڪري رهيا آهن ۽ اِهو ئي سبب آهي جو کين ڪاميابي ملي رهي آهي، ڀارتي فاسٽ بالر جڏهن به اسپيل ڪندا آهن وڪيٽون وٺندا آهن ۽ جڏهن اوهان نئين بال سان وڪيٽون وٺندا آهيو ته مخالف ٽيم کي آرام سان زِير ڪري سگهجي ٿو.

هڪ سوال جي جواب ۾ عبدالرزاق جو چوڻ هو ته جيڪڏهن پاڪستان ورلڊ ڪپ کٽيو ته بابر اعظم ڪپتان نه وزيراعظم بڻجندو.

پاڪستان کانسواءِ ڪنهن به ٽيم ۾ شامل ٿي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ واپسي بابت سوال تي محمد عامر جو چوڻ هو ته ڪو چانس نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.