لاهور(عوامي آواز نيوز) آصف زرداري به نوازشريف جي نقش قدم تي نڪري پيو، تجزئي نگار گوهر بٽ پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته هن وقت ملڪ جي معاشي صورتحال آهي ان ۾ اسحاق ڊار سميت سمورن ناڻي وزيرن جو به ڪردار آهي، اسحاق ڊار اسٽيبلشمينٽ کي خاطري ڪرائي هئي ته هو اڳوڻن جنرلن جي احتساب جي ڳالهه نه ڪندو، لاهور جلسي کانپوءِ نوازشريف احتساب جي ڳالهه ڪرڻ وارو هو پر کيس پرچي ملي وئي، پ پ پاران نوازشريف لاءِ لاڏله پلس جا الزام لڳڻ شروع ٿي ويا،بلاول آصف زرداري جي چوڻ تي چپ ٿي ويو پر پوءِ خورشيد شاهه نوازشريف تي ڊيل جو مهڻو هنيو، پ پ پنجاب طرفان نديم افضل ،حسن مرتضيٰ به نوازشريف تي سخت تنقيد ڪئي، ن ليگ کي نوازشريف پاران سخت هدايت مليل هئي ته ڪو به جواب ناهي ڏيڻو، ڇو ته ن ليگ کي خبر آهي ته اها ميچ کٽي رهي آهي، راجا پرويز اشرف پ پ قيادت جي ويجهو آهي،ان طرفان آيل ڳالهه اهميت واري آهي، ڊان ٽي وي کي انٽرويو ۾ هن فيض آباد ڌرڻو وسارڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ان جو مطلب ته نوازشريف کي لاڏله پلس جو مهڻو ڏيندڙ پاڻ لاڏلو پلس ٿي ويا آهن يا بڻجڻ جي تياري پيا ڪن، يا انهن پنهنجي پاڻ کي مارڪيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي،اها اسٽيبلشمينٽ کي آفر آهي ته اسان خدمت لاءِ حاضر آهيون، اڳ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي پويان سموريون پارٽيون بيٺل هيون هاڻي کيس اڪيلو ڪيو پيو وڃي، پهرين نوازشريف سائيڊ تي ٿي ويو هاڻي آصف زرداري جي پاڪستان پيپلز پارٽي به پاسو مٽايو آهي،جنهن جو مطلب آهي ته جنرل(ر)فيض حميد جو وار به ونگو ناهي ٿيڻو ،هاڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ اسٽيبلشمينٽ آمهون سامهون هوندا،آصف زرداري پنهنجي پاڻ کي نوازشريف جي متبادل طور پيش ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت صرف ۽ صرف اقتدار جي ويڙهه شروع ٿي وئي آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 6 نومبر 2023ع تي شايع ٿي