اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) اسلام آباد ۾ بيوروڪريٽن جي اهم ملاقات ۾ موجوده صورتحال خاص طور تي گورننس جي صورتحال تي سخت تنقيد ڪئي وئي جيڪا نگران حڪومت پاران هلائي پئي وڃي،ناليواري تجزئي نگار معظم فخر چيو آهي ته هڪ نجي محفل ۾ گريڊ 21 ۽ 22 جا سينئير آفيسر شريڪ هئا جن موجوده صورتحال تي سخت لفظن جو استعمال ڪيو ويوانهن اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جي شان ۾ ”وڏا قصيدا “پڙهيا آهن، ذريعن چواڻي اسلام آباد ۾ صورتحال ايتري حد تائين بگڙجي چڪي آهي جو ڪو به بيوروڪريٽ هٿ وجهڻ لاءِ تيار ناهي، انهن کي ان ڳالهه جو خطرو آهي ته اسٽيبلشمينٽ پاران کين ڪن پڪڙائي جيڪي فيصلا ڪرايا پيا وڃن،سڀاڻي نيب سندن ڳچي ۾ پئي ته پوءِ ڪو به سندن(ڪامورن) جي مدد لاءِ نه ايندو،ملاقات ۾ شريڪ هڪ اهم آفيسر انڪشاف ڪيو ته شهبازشريف پنهنجي ايندڙ وزارت اعظميٰ پڪي ڪرڻ لاءِ پوري جي پوري انتظاميا ۽ بيوروڪريسي کي فوج جي جهوليءَ ۾ وجهي ڇڏيو کين فوج هٿان يرغمال بڻايو ويو آهي ڇو ته ايس آءِ ايف سي جو فورم بيوروڪريسي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ئي بڻايو ويو آهي،هن چيو ته هاڻي اها ڳالهه سامهون اچي رهي آهي ته ايس آءِ ايف سي جنهن مقصد لاءِ ٺاهيو ويو هو ان تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي رڳو ڪامورن جي ڪن مروڙ ٿي رهي آهي،ان فورم جي اجلاسن ۾ به سڌو سڌو حڪم هلايو ويندو آهي ڪو به جواز نه ٻڌو ويندو آهي، ڪو بيوروڪريٽ جواز ٻڌائڻ جي جرئت ڪندو آهي ته ان جي تذليل ڪئي ويندي آهي، ان صورتحال ۾ مئنيجمينٽ ڪيڊر جي آفيسرن ۾ بيچيني پکڙيل آهي، دٻاءُ ان حد تائين وڌي ويو ته ڪجهه آفيسر باغي بڻجي ويا، آفيسرن جي پگهار ۾ تازو واڌ به ان ڪري ڪئي وئي ته آفيسرن جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪري سگهجي،آفيسرن جو چوڻ آهي ته گورننس جي صورتحال خراب آهي، نگران وزيراعظم ڊگها ڀاشڻ ته ڏيندو آهي پر هن جي آفيس ۾ ويندڙ فائل واپس نه پيا اچن،
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز سومر 6 نومبر 2023ع تي شايع ٿي