اسرائيل خلاف جنگ جهاد آهي، طاقت هٿيار نه پر ايمان آهي،: حسن نصر الله

بيروت (م ڊ ) لبناني تنظيم حزب الله جي سربراهه حسن نصر الله چيو آهي ته اسان جي طاقت هٿيار نه پر ايمان آهي، اسرائيل خلاف جنگ جهاد آهي. تقريب کي خطاب ڪندي حسن نصر الله چيو ته شهادت جو درجو ملڻ تي فلسطيني شهيدن جي خاندانن کي مبارڪباد ۽ تعزيت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته مسلمان شهيدن جي حيثيت کي چڱي ريت سمجهن ٿا، اسان جي طاقت هٿيار نه پر ايمان آهي، اسرائيل خلاف جنگ جهاد آهي، دنيا اسرائيلي ظلمن تي مجرماڻي طور اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن. حسن نصرالله وڌيڪ چيو ته طوفان الاقصيٰ ويڙهه وڌي مختلف محاذن ۽ ميدانن تائين پهچي چڪي آهي، پنهنجي فلسطيني مائرن ۽ ڀينرن جي آواز تي هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.