اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر جي ڀاءُ سندس گرفتاري جي دعويٰ ڪئي آهي. اسد قيصر جي ڀاءُ پنهنجي بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته اسد قيصر گهر ۾ هو ته پوليس ۽ سادي ڪپڙا پهريل اهلڪار گهر پهتا، اسد قيصر کي گرفتار ڪري کڻي ويا آهن. ذريعن موجب اسد قيصر کي گرفتاري بعد اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد قيصر تي گجو خان ميڊيڪل ڪاليج صوابي لاءِ طبي سامان جي خريداري ۾ ڪرپشن جو الزام آهي. ٻئي پاسي ڊي جي اينٽي ڪرپشن خيبرپختونخواهه به اسد قيصر جي گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي.