پئي ٻيلو:سياحت لاءِ خوشگوار هنڌ

تحرير: غلام حسين لغاري

سنڌ جي ٻيلن جو ذڪر ٿئي ته تاريخي پئي ٻيلو سنڌ جي ٻيلن جو بادشاهه ٻيلو سڏبو آهي، جيڪو سڪرنڊ لڳ اولهه ۾ درياهه ڪنڌي واقع آهي. ڪنهن دور ۾ صنعتي و زرعي حب طور سڃاتو ويندو هو، جتي عمارتي ڪاٺ ماکي مکڻ  مختلف قسمن جا قيمتي پکي ۽ جانور جن ۾ تتر بٽير طوطا هرڻ ٻارهن سڱا ڏسڻ ۾ ملندا هئا.خونخوار جانور به هنن ئي ٻيلن ۾ پلبا هئا جن جو به ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊپ رهندو هو. اها الڳ ڳالهه آهي ته هاڻ انهن جو انگ گهٽجي چڪو آهي جو ظالم شڪارين سندن نسل ڪشي ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي۔اسان هتي زهريلا نانگ به ماريو ڇڏيون جڏهن ته سڌريل ملڪن ۾ زهريلي نانگن مان انساني بچاءُ وارين دوائون به ٺهن ٿيون جن کي به قيمتي سمجهيو ويندو آهي.

سنڌو درياهه جي ڪنڌي تي هجڻ ڪري پئي ٻيلو مالوند مارن جو ماڳ هو جتي چوپائي جي نسلن جي به افزائش ٿيندي هئي جنهن ۾ اٺ ڍڳيون مينهون ٻڪريون رڍون پلبيون هيون جن جا ولر ڏسڻ وٽان ملندا هيا جيڪي هن وقت گهٽجي چڪا آهن ايئن کڻي چئجي ته اڻلڀ آهن جڏهن ٻيلن جو عروج هيو ته ڀرپاسي جي مارڪيٽن دڪانن  ۾ واپرائڻ لاءِ ماڻهن کي نج کير مکڻ گيهه آساني سان ميسر هوندو هو، جيڪو پڻ هاڻ اڻلڀ آهي۔ پئي ٻيلو جيڪو سڪرنڊ باء پاس وٽان شروع ٿيندو هو درياه جي ڪنڌي تائين وڃي نڪرندو هو. هن وقت پنهنجو عروج وڃائي ويٺو آهي، جنهن جا ڪجهه حصا ليز ٿي وڏن طاقتورن کي ملي چڪا آهن جتي وڻ وڍي زرعي فصل پوکيا پيا وڃن.سنڌ جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو زرعي فارم به ٻيلي جي حدن ۾ قائم  هو جتي نين جنسن جي وڌاءُ جو عمل ٿيندو هو جيڪو اڳتي هلي سيڊ ڪارپوريشن حوالي ٿيو جتي وونئڻن جي وڌاءُ ۽ تحقيق ٿي رهي آهي پر بدقسمتي سبب سيڊ ڪارپوريشن جي ناڪامي سبب هي فارم نقصان ۾ آهي ۽ ناڪام سڏجي ٿو.۔

سڪرنڊ شهر لڳ پئي ٻيلي جي اوائلي حدود ۾ باءِ پاس لڳ پلاٽنگ جو ڪم به هلي پيو سوسائٽيون پيون قائم ٿين۔وڻن جي واڍي سبب سبب سڪرنڊ جي آبهوا کي به ڪاپاري نقصان رسيو آهي ۽ گرمي جو درجو وڌيو آهي.  پئي ٻيلو انگريز سرڪار علائقي جي اهميت موسمي حالتن ۽ وڌندڙ آلودگي کي نظر ۾ رکندي قائم ڪيو هو, جو درياهه ڀرسان وهندو هو ۽ انوقت سنڌ ۾ عمارتي ڪاٺ جي سخت ضرورت محسوس ٿي رهي هئي ،ٻارڻ لاءِ به ڪاٺيون ۽ ڪوئلو گهربو هو جيڪو سنڌ جي وڏن وڏن شهرن توڙي ٻين صوبن ۽ پرڏيهه به ويندو هو جنهن سان سنڌ ۾ خوشحالي هوندي هئي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پئي  ٻيلي کي عوام جي تفريح لاءِ کوليو وڃي ۽ پئي زرعي فارم جو عروج بحال ڪيو وڃي جنهن مقصد لاءِ هي فارم انگريزن جي دور ۾ قائم ٿيو هو.زرعي فارم کي ترقي وٺرائڻ لاءِ هاڻ پاڻي جي به کوٽ نه رهندي جو سولر نظام اچي چڪو آهي.سڪرنڊ کان پئي ٻيلي تائين پڪي روڊ کي بحال ڪرڻ يا نئين سر ٺهرائڻ جي ضرورت آهي.

پئي ٻيلو سنڌ جو هن وقت محفوظ ٻيلو آهي جتي سفاري پارڪ قائم ڪرڻ لاءِ به بهترين ماحول آهي جنهن جي قيام سان سنڌ خواهه ٻين صوبن جي ماڻهن ۽ ٻاهرين سياحن کي تفريح جا موقعا به ملندا ۽ آمدني به ٿيندي.وفاق ،سنڌ ۽ نجي ادارا گڏيل طور ونڊ وجهي سفاري پارڪ جي قيام لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.سفاري پارڪ کي ڪامياب بنائڻ ۽ عوام کي سفر جون سهوليتون ميسر ڪرڻ لاءِ سن ۽ سڪرنڊ وڇ ۾ درياه تي پل به اڏڻ لازمي ٿيندي جو نيشنل ۽ انڊس موٽر ويز ڳنڍجي ويندا سياح با آساني اتي پهچي سگهندا.پئي ٻيلي جي اندر سياحن جي رهائش ۽ کاڌخوراڪ جي فراهمي لاءِ هوٽلن جي قيام لاءِ به ڪوششون وٺڻيون پونديون جنهن سان گورک ۽ رني ڪوٽ کانپوءِ پئي جو هنڌ سياحت جي لحاظ کان اوسر ڪندو. چوڻ جو مطلب ته پئي ٻيلو سڪرنڊ جي هڪ تاريخ ۽ سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي جنهن کي تفريحي ماڳ قرار ڏئي عوام لاءِ کولو وڃي۔

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.