عالمي برادري اسرائيل فلسطين جنگ روڪرائڻ ۾ ناڪام!

تحرير:غلام حسين جوڻو

جنگ جي شروعات ۾ ، اسرائيل جي گهڻي تباهي ٿي. جنهن کي ڪيترن ئي ماڻهن حماس جي تاريخي فتح سڏيو هو.ان ڏس ۾ جمعيت العلماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان پريس بيان ۾ ، چيو ته فلسطين جي تاريخي ۽ شاندار فتح آهي. جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. اسرائيل جيڪا جوابي ڪارروائي ڪئي تنهن فلسطين جي ڪيترن ئي علائقن کي مٽي جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هزارين فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. لاتعداد ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. جيڪي مختلف اسپتالن ۾ زير علاج آهن. ڪيترائي فوجي هڪ ٻئي وٽ قيد به ڪيا ويا آهن. پر، هن وقت عالمي خابرو ادارا ٻڌائين پيا ته ، گهڻو نقصان فلسطين يعني غزا ۽ حماس جو ٿئي پيو. ٻئي ڌريون جنگ بند ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن.

اسرائيل ، آمريڪا ۽ سندن حوارين جو خيال آهي ته حماس کي اهڙي طرح ختم ڪري ڇڏجي جيئن دنيا، نازين ۽ داعش کي ختم ڪيو. حماس جو هميشه لاءِ نالو و نشان ختم ڪرڻ جو ارادو اٿن. جنهن ڪري حملن ۾ تيزي اچي رهي آهي. نتيجي ۾ معصوم حياتيون ختم پيون ٿين. تباهي کان سواءِ ڪجهه به حاصل ڪونه پيو ٿئي. چوڌاري تباهي جو منظر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. تنهن هوندي به جنگ ڪرڻ کان ٻئي ملڪ ڪونه ٿا مڙن ۽ بضد آهن. جڏهن ته سڄي دنيا، ان جنگ جي مذمت ڪري چڪي آهي. پر، ان خون خوار ۽ نقصانڪار جنگ کي ڪير به روڪرائڻ جي ڪوشش ڪونه ٿو ڪري.

ان سڄي ڀيانڪ ۽ خطرناڪ صورتحال کي ڏسندي چند ڏينهن اڳ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي غزا ۾ بنا دير جنگ بندي جو ٺهراءَ منظور ڪيو هو. پرڏيهي ميڊيا موجب ، عرب ملڪن جي گروپ طرفان ، گڏيل قومن جي هنگامي اجلاس ۾ اردن اهڙو ٺهراءَ پيش ڪيو. جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين جي فورن جنگ بندي ڪرائي وڃي. هن ٺهراءَ جي 120 ملڪن حمايت ڪئي. جڏهن ته آمريڪا ، اسرائيل ، آسٽريليا ، ڪروشيا ، جمهوريه چيڪ ۽ هنگري سميت چوڏهن ميمبر ملڪن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو ۽ اهي ملڪ جنگ بندي جي حق ۾ ڪونه آهن. شايد دنيا ۾ امن و امان قائم ڪرائڻ جا مخالف آهن.. پرڏيهي خابرو ادارن اها به رپورٽ ڏني آهي ته ، ڪئناڊا ، جرمني ۽ برطانيا سميت 45 ملڪن ووٽنگ  ۾حصو ڪونه ورتو. مذڪوره ٺهراء جي متن ۾ اهو چيو ويو آهي ته ، اسرائيلي جنگي ڏوهه ڪري. انساني حقن جي لتاڙ ڪري رهيا آهن. جنهن ڪري جنگ کي بنا دير بند ڪيو وڃي. گڏيل قومن ۾ اسرائيلي نمائندي گيلا ايردن اهو ٺهراءَ رد ڪندي چيو ته ، هي جنگ فيصلا ڪن ثابت ٿيڻ تائين جاري رهندي.

ٺهراءَ پيش ڪرڻ تي اهو معلوم ٿيو ته ، گڏيل قومن جي اداري جي ڪا به حيثيت باقي نه رهي آهي. اهو ، ادارو نالي ماتر وڃي رهيو آهي. تازو اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن به گڏيل قومن طرفان ، غزا ۾ جنگبندي وارو مطالبو رد ڪندي چيو آهي ته ، اسرائيل حماس کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيندو جيئن نازين ۽ داعش کي ختم ڪيو ويو. هاڻ انهن جو ڪير به نالو وٺڻ وارو ڪونه رهيو آهي. اهڙي طرح حماس جو نالو و نشان به صفحه هستي تان ميٽجي ويندو.

ٻئي پاسي فلسطين جي وزير اعظم خبردار ڪندي چيو آهي ته ، جيڪڏهن اسرائيل سمجهي ٿو ته ، هو مزاحمتي تحريڪ حماس کي ختم ڪري ڇڏيندو ته ايئن نه ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا کي هڪ انٽرويو ڏيندي فلسطيني وزير اعظم محمد اشتيي چيو آهي ته ، حماس فلسطيني سياست جو اهم حصو آهي. ٻئي طرف اهو به چيو پيو وڃي ته فلسطينن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. اسرائيل ، فلسطين جا حق لتاڙي رهيو آهي. فلسطين جي عوام تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن. اسرائيل حملا بند ڪرائي فلسطينن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. نهايت ئي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اسلامي ملڪ خصوصن عرب ملڪ ۽ غزا، فلسطين ۽ اسرائيل جا پاڙيسري ملڪ خاموشي اختيار ڪري ويٺا آهن. هو ، ان جنگ کي بند ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪون ٿا ڪن. صرف پنهنجا سکڻا بيان جاري ڪري پاڻ کي آجو ڪري رهيا آهن. جڏهن ته آمريڪا ۽ چند ٻيا مددگار ملڪ اسرائيل جي کلم کلا حمايت سان گڏ مدد به ڪري رهيا آهن. پر، اسان جا اسلامي ملڪ آمريڪا کي خوش رکڻ لاءِ فلسطين جي مدد نه پيا ڪن.

مون کي ياد آهي ته ، جڏهن عراق ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ويڙهه شروع ٿي هئي ته آمريڪا سان گڏ ٽيهارو کن ملڪن به پنهنجيون فوجون موڪليون هيون جيڪي عراق جي خلاف وڙهيون هيون ۽ آمريڪا جو ساٿ ڏنو هو جن صدام حسين جو تختو اونڌو ڪيو هو هاڻ به دنيا جي ملڪن کي ايئن ڪرڻ سان فلسطين (غزا) وڌيڪ تباهي کان بچي ويندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي به ڄاڻايل جنگ بند ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀائڻ گهرجي. ٻئي حالت ۾ اڳتي هلي اها جنگ ٻين ملڪن تائين وڌي سگهي ٿي. ان جي دائري وڌڻ جي خدشي کي به رد ڪري نه ٿو سگهجي ۽ سڄي دنيا تي ان جا ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا.

 

اسرائيل ، آمريڪا ۽ سندن حوارين جو خيال آهي ته حماس کي اهڙي طرح ختم ڪري ڇڏجي جيئن دنيا، نازين ۽ داعش کي ختم ڪيو. حماس جو هميشه لاءِ نالو و نشان ختم ڪرڻ جو ارادو اٿن. جنهن ڪري حملن ۾ تيزي اچي رهي آهي. نتيجي ۾ معصوم حياتيون ختم پيون ٿين. تباهي کان سواءِ ڪجهه به حاصل ڪونه پيو ٿئي. چوڌاري تباهي جو منظر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. تنهن هوندي به جنگ ڪرڻ کان ٻئي ملڪ ڪونه ٿا مڙن ۽ بضد آهن. جڏهن ته سڄي دنيا، ان جنگ جي مذمت ڪري چڪي آهي. پر، ان خون خوار ۽ نقصانڪار جنگ کي ڪير به روڪرائڻ جي ڪوشش ڪونه ٿو ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.