ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير صوبي جي سرڪاري يونيورسٽين ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پڙهندڙ فلسطيني شاگردن جي ٽيوشن ۽ هاسٽل فيس معاف ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته فلسطين شاگردن جي اسڪالرشپس جو بندوبست به ڪيو وڃي، صوبي ۾ 48 فلسطيني شاگرد يونيورسٽين ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن.
واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان هيل تائين اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 9 هزار 200 ٿي ويو آهي، جن ۾ 3700 کان وڌيڪ ٻار شامل آهن.
You might also like