ڪراچي: ڪمشنر طرفان مقرر ڪيل سرڪاري اگهن تي عمل نه ٿيو، دڪاندارن جي ڦرلٽ جاري

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) ڪراچي جي ڪمشنر پاران جاري ڪيل سرڪاري اگهن تي عمل نه ٿي سگهيو ۽ مهانگي اگهه تي شيون وٺڻ تي مجبور آهي.
ڪمشنر طرفان اٽي، ڪڪڙ جي گوشت، بيضن سميت ٻين شين جي سرڪاري لسٽ تي عمل نه ٿي سگهيو، اوڀر ۽ ملير سميت ٻين ضلعن ۾ اگهه چوٽ چڙهيل آهن.
ڪراچي جي ڪمشنر طرفان اٽي جو في ڪلو اگهه 128 رپيا مقرر ڪرڻ باوجود 135 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، ڪڪڙ جو گوشت 502 رپين بدران 560، في درجن بيضا 290 بدران 340 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن.


ڪراچي جي ڪمشنر محمد سليم راجپوت سمورن ڊپارٽمينٽل اسٽورن، هول سيلرز، ريٽئلرز کي نئين ريٽ لسٽ لڳائڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ عمل نه ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان به ڪيو ويو هو پر ان باوجود دڪاندارن اگهه ناهن گهٽايا ۽ پرائز ڪنٽرول ڪميٽيون سرڪاري اگهن ۾ عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن، جنهن سبب عوام کي ڪو رليف ناهي ملي سگهيو ۽ اهي دڪاندارن هٿان ڦرجي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.