ٺٽو (عوامي آواز نيوز) سائيڪلن ذريعي مختلف ملڪن جو سفر ڪرڻ نڪتل ڏکڻ آمريڪي رياست چلي جو رھواسي جوڙو ڪوميل پڙت ڪال ۽ سندس گھرواري مونيڪا ٺٽي پهچي ويا.
ڪوميل پڙت ڪال ۽ مونيڪا جون 2022ع کان مختلف ملڪن جو سائيڪلن تي سفر ڪندي ٺٽي پريس ڪلب پهتا، جتي کين سنڌ جي سوکڙي اجرڪ تحفي طور پيش ڪيو ويو.
ان موقعي تي هنن چيو ته اسان دنيا جي مختلف ملڪن جو 20 ھزار ڪلو ميٽر سفر سائيڪلن تي طئي ڪيو آھي، ڀارت کان واھگا بارڊر ذريعي پاڪستان ۾ داخل ٿياسين، پاڪستان جي مختلف علائقن جو 4000 ڪلوميٽر سفر طئي ڪري ٺٽي پھتا آھيون.
سندن چوڻ هو ته اڄ به حيدرآباد کان ٺٽي تائين 105 ڪلوميٽر سفر ڪيو آھي، سڀاڻي ڪراچي وينداسين، جتان ايران جو سفر ڪنداسين.
You might also like