”هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجي دنيا جي هر فرد کي محروم ڪري ڇڏيندي“

ايلون مسڪ جو مڃڻ آهي ته هٿرادو ذهانت (اي آءِ) ٽيڪنالوجي سبب جيئن جو تيئن سڄي دنيا ۾ هر فرد کي ملازمت کان محروم ٿيڻو پوندو.
واضح رهي ته ايلون مسڪ 1 نومبر تي چيو هو ته اي آءِ ٽيڪنالوجي انسانيت جي خاتمي جو سبب بڻجي سگھي ٿي.
هاڻي پنهنجي نئين بيان ۾ ايلون مسڪ چيو آهي ته اي آءِ ٽيڪنالوجي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ انتشار جوڳي طاقت بڻجي سگھي ٿي.
لنڪ شائر هائوس ۾ برطانوي حڪومت جي هڪ ايونٽ کي خطاب ڪندي هن چيو ته اهو چوڻ ته ڏکيو آهي ته ائين ڪڏهن ٿيندو، پر اهو وقت ضرور ايندو جڏهن ملازمت جي ضرورت نه هوندي.
سندس چوڻ هو ته اي آءِ ٽيڪنالوجي هر ڪم ڪرڻ جوڳي هوندي.
ايڪس جي مالڪ جو چوڻ هو ته آئون نٿو ڄاڻان ته ان سان ماڻهو خوش ٿيندا يا نه، پر اهو مستقبل جو وڏو چئلينج هوندو ته اسان پنهنجي زندگي جو مقصد ڪيئن ڳوليون.
ايلون مسڪ ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا اي آءِ ٽيڪنالوجي کي انسانيت لاءِ خطرو قرار ڏئي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.