گذريل مهينو انساني تاريخ جو گرم ترين آڪٽوبر قرار

موسمياتي تبديلين جا اثر لاڳيتو سامهون اچي رهيا آهن ۽ هاڻي سائنسدانن گذريل مهيني کي انساني تاريخ جو گرم ترين آڪٽوبر قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
اهو لاڳيتو پنجون مهينو آهي جنهن کي انساني تاريخ جو گرم ترين مهينو قرار ڏنو ويو آهي.
ان کان اڳ جون، جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر کي به گرم ترين مهينا قرار ڏنو ويو هو، خاص طور تي جولاءِ کي انساني تاريخ جو گرم ترين مهينو قرار ڏنو ويو.
Leipzig University جي سائنسدان Karsten Haustein يو ايس نيشنل سينٽر فار انوائرمينٽل پريڊڪشن جي ڊيٽا جو استعمال ڪري ٻڌايو ته آڪٽوبر ۾ گرمي پد ۾ رڪارڊ اضافو ڏسڻ ۾ آيو.
هن ٻڌايو ته آڪٽوبر 2023ع دوران سراسري طور عالمي گرمي پد 15.37 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو جيڪو آڪٽوبر 2019ع ۾ قائم ٿيل رڪارڊ کان 0.3 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ هو.
سائنسدان ٻڌايو ته آڪٽوبر دوران دنيا جي مختلف حصن ۾ گرم موسم جا اثر ڏسڻ ۾ آيا.
هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب وڌندڙ گرمي پد تي ايل نينو به اثر وڌا.
واضح رهي ته ايل نينو هڪ اهڙو موسمياتي رجحان آهي جنهن جي نتيجي ۾ پئسفڪ جي پاڻ جو وڏو حصو معمول کان وڌيڪ گرم ٿي ويندو آهي ۽ زمين جي گڏيل گرمي پد ۾ به اضافو ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.