ڪراچي(رپورٽر) پ پ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس کي ڇٽڪو ڏئي ڇڏيو، عادل الطاف انڙ سميت ٻه اڳواڻ پ پ ۾ شامل ٿي ويا، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جا لاڙڪاڻي ضلعي سان تعلق رکندڙ اهم اڳواڻ عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر سان ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي، ذريعن موجب جي ڊي اي کي الوداع ڪندڙ عادل ۽ عدنان الطاف انڙ غير مشروط طور تي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪندي پ پ قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو، جڏهن ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پ پ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ايندڙ چونڊن جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر انڙ ڀائرن کي پ پ ۾ شموليت تي ڀليڪار ڪندي چيو ته لاڙڪاڻو ضلعو اڳ ئي پ پ جو قلعو آهي، هاڻي اسان وڌيڪ محنت سان عوام جون دليون کٽي رهيا آهيون، ان موقعي تي پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، اعجاز جکراڻي، سيد قائم علي شاهه، سهيل انور سيال به موجود هئا.