ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي بند پيل گودام ۾ نادرا وين اندر افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ هڪ گودام جي اندر شڪي طريقي سان سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا پيا وڃن. وڊيو ۾ پوليس اهلڪار نادرا ملازم کان پڇي رهيو آهي ته اندر ڇا پيو ٿئي جنهن تي نادرا جي ملازم جواب ڏنو ته ايم اين اي طرفان سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي لاءِ وين اماڻي وئي آهي. نادرا وين طرفان بند پيل گودام ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي وڊيو تي نادرا طرفان انچارج رجسٽريشن وين نديم شاهه جو بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن چيو آهي ته افغانين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جو الزام ڪوڙو ۽ پروپيگنڊه آهي. هڪ پاسي حڪومت غيرقانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته ٻئي پاسي وري کين مبينا رشوت عيوض سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهڙو الزام نادرا تي لڳايو ويو آهي ۽ اهو الزام هڪ وڊيو جي بنياد تي لڳايو ويو آهي جنهن ۾ نادرا جي وين هڪ گدام ۾ لڪ ڇپ ۾ مبينا غيرقانوني پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏئي رهي آهي. نادرا جي دعويٰ آهي ته اها وين عورتن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ لاءِ گهرائي وئي هئي پر وين ۾ ڪي به عورتون نظر نه پيون اچن پر مرد ويٺل آهن ۽ اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته گدام ۾ انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لاءِ گهرايو ويو آهي. گودام ۾ وين اندر مشڪوڪ انداز ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا پيا وڃن جنهن تي نادرا ملازم جواب ڏنو آهي ته هو وين ايم اين اي چوڻ تي ڪاهي ويا هئا. ذريعن موجب انچارج رجسٽريشن نديم شاهه بيان ۾ چيو ته افغانين کي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارو الزام ڪوڙو آهي ڇو ته وين بلديه اتحاد ٽائون ۾ ڪاڪڙ ۽ سليمان خيل ڪميونٽي جي عورتن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ گهرائي وئي هئي ۽ اها وين ايم اين اي قادر مندوخيل گهرائي هئي. هن چيو ته وين برسات سبب گدام ۾ بيهاري وئي هئي پر ٻئي پاسي چيو پيو وڃي ته ڪراچي ۾ انهن ڏينهن ۾ ڪڏهن برساتي موسم نه ٿي هئي ته پوءِ وين کي برسات کان بچڻ لاءِ گدام ۾ ڇو بيهاريو ويو هو؟ ۽ عورتن جي جاءِ تي مردن جا سڃاڻپ ڪارڊ ڇو ٺاهيا پيا وڃن. نادرا جو بيان وري وين انچارج جي بيان جي ابتڙ آهي، نادرا جو چوڻ آهي ته وين سياسي سماجي شخصيتن جي درخواست تي گهرائي وئي هئي ۽ وڊيو 20 جولاءِ 2023 جي آهي جڏهن مقامي ماڻهن جي درخواست تي وين گهرائي وئي هئي. ان موقعي تي رڳو 6 ڄڻن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيا ويا هئا. سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته هيڏي ساري وين رڳو 6 ڄڻن جي سڃاڻپ ڪارڊن لاءِ ناهي سيڙائي ويندي وڏي انگ ۾ ماڻهو هوندا آهن تڏهن وين موڪلي ويندي آهي. نادرا جو چوڻ آهي ته وين ۾ جي پي ايس ٽريڪر هوندو آهي جنهن تي ڄاڻ ملندي رهندي آهي. واهپيدارن جو چوڻ آهي ته جي پي ايس ٽريڪر هجڻ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته نادرا وين عملي کانسواءِ ٻيا ماڻهو به ملوث هئا جيڪي جي پي ايس کي نظرانداز ڪري رهيا هئا.نادرا جو چوڻ آهي ته وين موسم جي خرابي سبب روڪي وئي هئي. واهپيدارن جو چوڻ آهي ته 20 جولاءِ تي موسم بلڪل ٺيڪ هئي. نادرا جو چوڻ آهي ته ڪنهن به پرڏيهي جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺاهيا ويا هئا. واهپيدارن جو چوڻ آهي ته وين ۾ موجود ماڻهو پرڏيهي آهن. نادرا جو چوڻ آهي ته ڪجهه شرپسند عنصر پروپيگينڊا ڪري رهيا آهن جڏهن ته واهپيدارن جو چوڻ آهي ته نادرا جو بيان ڪوڙ ۽ هٿ ٺوڪيو آهي، جيڪو پيسو ڏيندو آهي پاڪستان ۾ اهو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. ظفرالله ڪاڪڙ نالي هڪ واهپيدار پنهنجو واسطو بلوچستان سان ظاهر ڪندي لکيو ته نادرا وين ۾ جيڪي ماڻهو موجود آهن انهن ٽيهه هزار کان ڏيڍ لک افغان شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا آهن ۽ اهي افغاني هاڻي پاڻ کي پاڪستاني چون ٿا. سراسري طور تي ڪير به نادرا جو جواب مڃڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ عوام ۾ نادرا خلاف ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. اڪثر واهپيدارن جو اهو ئي سوال آهي ته غيرقانوني رهندڙ افغانين کي پاڪستان جو سڃاڻپ ڪارڊ ڪيئن جاري ٿي وڃي ٿو ۽ هو پاڪستاني ڪيئن بڻجي وڃن ٿا؟ ان بابت نادرا کان ضرور پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ۽ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.