حيدرآباد(رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته نگران وفاقي حڪومت جو پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ وارو اعلان سنڌ جي حوالي سان رڳو اعلان ئي آهي، اعلان کي پورو هڪ مهينو گذري چڪو اهي، پر غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ واري فيصلي تي ڪوبه عمل نه ڪيو ويو. اسلام آباد، پنجاب ۽ خاص ڪري لاهو مان ته غير ملڪين کي ڪڍيو پيو وڃي، پر سنڌ جي صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آهي. سنڌ مان غير ملڪين جي نيڪالي حڪومتي اخباري بيانن تائين محدود آهي. خاص ڪري ڪراچي ۾ غير ملڪين جو وڏو انگ غير قانوني رهي ٿو، هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت غير قانوني افغانين کي آباد ڪري ڪراچي کي ڪابل بڻايو ويو آهي، جڏهن ڪراچي بدامني ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ هو ته ان ڪيس ۾ انٽيليجنس ادارن رپورٽون جمع ڪرايون هيون ته 40 لکن کان وڌيڪ غير ملڪي ڪراچي ۾ رهن ٿا، انهن مان ڪيترائي غيرملڪي زمينن تي قبضن، منشيات ۽ غير قانوني هٿيارن جي وڪري، اسمگلنگ، ڌاڙن، قتلن سميت دهشتگردي جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن، سمورن غيرقانوني پرڏيهين کي هتان نيڪالي ڏني وڃي.