ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي حاجي ڪئمپ هولڊنگ پوائنٽ غير قانوني ترسيل افغانين جو پهريون قافلو چمن لاءِ روانو ٿيو. چئن بسن تي ٻڌل قافلي ۾ 112 غيرقانوني افغاني شامل هئا جڏهن ته وڌيڪ ڪارروائين جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ قائم ڪيل ٽرانزٽ ڪئمپس ۾ 262 ماڻهن کي آندو ويو آهي جنهن ۾ 201 مرد 25 عورتون ۽ 36 ٻار شامل آهن. جاچ پڙتال کانپوءِ وڌيڪ 80 ماڻهن کي ٽرانزٽ ڪئمپ ۾ رکيو ويو ۽ ٻين کي واپس ڪيو ويو. سنڌ جي ٻين شهرن مان 29 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سجاول مان 3، بدين مان 13، ۽ ٺٽي مان 13 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي پوليس جي حراست ۾ آهن.