ڪراچي / حيدرآباد / سکر ( نمائندن وٽان ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ڪارڪنن جي گرفتارين، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد توڙي جڙتو ڪيسن ۽ سلمان ڪيريو کي هاف فراءِ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. چيلھار ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ مشتاق قاسماڻي ،شنڪر باغي، چندر باغي،پرديپ شرما، ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي اڳواڻ چندن راٺوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. کيبر ۾ ايس ٽي پي اڳواڻن ضلعي صدر عبدالفتاح ڳاهوٽي، حاجي لڙڪو، آصف لڙڪو، عبدالحڪيم نوحپوٽو، عبيدالله ملاح، ڪامريڊ رسول بخش سونگي ، زراب حيدر ملاح، خالد ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو ويو، جنھن سبب گاڏرين جون قطارون لڳي ويون، ڪوٽڙي نوابشاهه واقعي ايس ٽي پي اڳواڻ يونس خان اوٺو، بادل نوحاڻي حڪيم کونهارو،خالد ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. لاڙڪاڻو ۾ پريس ڪلب اڳيان احمد نواز بروهي، ڪامريڊ نصير ڪلهوڙو، محمد صادق لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ملير ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي عاشق ٿهيم، شبير چانڊيو، علي بخش لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو ڏنو ويو جنهن سبب ڪراچي ٺٽو روڊ بلاڪ ٿي ويو. سن ۾ ايس ٽي پي جي جنرل سيڪريٽري حيدر ملاح، منٺار ڇڇر، علي شير ڇڇر گلزار ملاح ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. مٽياري م ايس ٽي پي ضلعي صدر عبدالفتاح ڳاهوٽي، حاجي لڙڪو، آصف لڙڪو، عبدالحڪيم نوحپوٽو، عبيدالله ملاح، ڪامريڊ رسول بخش سونگي، زراب حيدر ملاح، خالد ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي احتجاج ڪيو ويو، ميھڙ ۾ عبدالحميد سومرو ، سڪندر کوکر ، محبوب لاکير ، مجيد چانديو ، ڪرم ڏيپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري انڊس ھاءِ وي تي اعواڻ موري وٽ احتجاجي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ميرپوربٺورو ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن نوابشاهه ۾ پوليس گردري خلاف احتجاج ڪيو.ميرپورماٿيلو ۾ زاهد ميراڻي، علي نواز جلباڻي، عاجزگبول، قبول گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. نوشھرو فيروز ۾ علي اصغر ڀرٽ، اسد چانڊيو، صفدر ٻوھيو، عرفان ڏاھري، فراز مستوئي، اقبال راڄپر، حبيب الله مشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل ھاءِ وي تي احتجاج ڪيو ويو. رتيديري ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن نوابشاه واقعي خلاف ڪامريڊ اختر بليدي، صدر ايراني، منور نوناري، وزير جتوئي، وحيد خروس ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. شھدادپور ۾ علي ڏنوخاصخيلي، نظير لغاري، محمد رفيق جلالاڻي، پپو نائچ، ضمير لاکو، احمد علي عمراڻي، نديم حسن جلالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي و ئي. ٽنڊوغلام حيدر ۾ عبدالله اعواڻ، پير عظيم شاھ، کمن لاکو، نذاڪت پلھه، محمد خان باگراڻي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ اڪرم باجڪاڻي، امداد کوس، ظفر ڀيو، جيوڻ سبزوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته چيو ته نوابشاھه پوليس ونگارو بڻجي ايس ٽي پي ڪارڪنن خلاف ڪاروائيون ڪيون آهن، جيڪو برداشت جوڳو عمل ناهي. هنن چيو ته نوابشاھه پوليس 10 ڏينھن اڳ ايس ٽي پي جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري نثار ڪيريو جي ڀاءُ سلمان ڪيريو کي ڪوڙي مقابلي م ھاف فراءِ ڪري اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا، هنن وڌيڪ چيو ته نوابشاھه پوليس بوکلاھٽ جو شڪار ٿي پارٽي ڪارڪنن تي تشدد ڪري 25 کان وڏيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي. احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪري ڪارڪنن مٿان داخل ٿيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.