اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي تي عمل ٿيو ته ملڪ درست رخ ۾ هلي پوندو، نامياري صحافي عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته فيصلي تي عمل ٿيو ۽ اصل ڪردارن جو احتساب ٿيو ته مستقبل ۾ سياست ۾ ادارن جو عمل دخل بند ٿي ويندو. ڪميشن سچائي تائين پهچي سگهي ٿي. نامياري صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته هاڻي ملڪ اهڙي ٻه واٽي پهچي چڪو آهي جتي اهو طئه ڪرڻو آهي ته آئين تحت ملڪ کي درست رخ ۾ اڳتي وٺي وڃڻو آهي يا مٽي وجهو اڳتي وڌو واري ماضيءَ جي روايت ۽ پاليسيءَ تي عمل ڪندي ملڪ هلائڻو آهي. نامياري صحافي حسنات ملڪ جو چوڻ آهي ته ڏسڻو اهو آهي ته عدالتي ڪارروائيءَ تي اسٽيبلشمينٽ جو رد عمل ڪهڙو وجهي ٿو. نامياري صحافي عبدالقيوم صديقي جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجي اداري اندر به صفائي ڪئي آهي. هاڻي عدالت جيڪڏهن آئين ۽ قانون تحت فيصلي تي عمل ڪرائڻ چاهي ٿه اسٽيبلشمينٽ کي اعتراض نه هجڻ گهرجي. نامياري صحافي ناصر اقبال جو چوڻ هو ته ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت ڪميشن ڪهڙي ترتيب ڏئي ٿي چيئرمين ڪير ٿو هجي ڪميشن جي جوڙ جڪ مان اندازو ٿي ويندو ته فيصلي تي ڪيترو عمل ممڪن آهي. اهو به ڏسڻو پوندو ته حاضر سروس ڪنهن جج کي چيئمرمين ڪيو ٿو وڃي يا حاضر سروس جج ڪمشين جو چيئرمين مقرر ڪيو ٿو وڃي.