غير قانوني افغاني ڪڍڻ سان ڏوهن جي شرح ۾ به گهٽتائي ايندي:عرفان بهادر

ڪراچي(رپورٽر) پوليس اهلڪارن جو چوڻ آهي ته انهن ۾ اڪثريت پرڏيهي شهري آهن جيڪي پاڪستاني پاسپورٽ تي نه رڳو حج ۽ عمرو ادا  ڪري چڪا آهن پر ڪاروبار جي لاءِ دبئي سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ويندا آهن. ايس ايس پي عرفان بهادر چيو ته غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين کي ڪڍڻ سان نه رڳو ڪراچي ۾ ڪاروبار بهتر ٿيندو پر ڏوهن جي شرح ۾ به گهٽتائي ايندي. هن چيو ته هن ڀيري آپريشن جا آرڊر بغير ڪنهن رعايت جي مليا آهن، جن کي هر صورت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ان دوران غير قانوني آبادين کي به مڪمل طور ڊاهيو ويندو ۽ سرڪاري ۽ خانگي زمينون قابضن کان آزاد ڪرايون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.