وڏي وزير جا ملير،ڪورنگي ۾ دورا،3 آفيسر معطل

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول ملير ۽ ڪورنگي ضلعي جو اوچتو دورو ڪيو ۽ اسڪولن جو معائنو ڪرڻ ۾ لاپرواهي ۽ ڊيوٽي تي غيرحاضر رهڻ تي ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن، چيف مانيٽرنگ آفيسر (CMO) ايجوڪيشن ملير ۽ ملير جي تپيدار کي معطل ڪري ڇڏيو. وڏي وزير چيو ته تعليم کاتي جا آفيسر پنهنجن اسڪولن ۾ تعليمي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مڪمل ناڪام ويا آهن ۽ انهن مان ڪوبه عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي آفيسن جو دورو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. وڏي وزير قائد آباد ۾ واقع سب رجسٽرار آفيس جو اوچتو دورو ڪيو. ابراهيم حيدري جي اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۾ جتي هن مختيارڪار ابراهيم حيدري انصاف پٺاڻ کي آفيس ۾ غير حاضر ڏسي انتظاميه کي فوري طور مختيارڪار خلاف ڪارروائي ۽ وارننگ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وڏي وزير ڏٺو ته مختيارڪار آفيس ۾ عملو موجود نه هو ۽ هن فيس ٽائم تي آفيسرن کي فون ڪري هنڌ معلوم ڪيو ۽ آفيسرن کي غفلت تي ڏوهي قرار ڏنو جڏهن ته غير حاضر تپيدار ارشد ۽ اقبال کي فوري طور معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وڏي وزير اين اي عباسي گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول جو دورو ڪيو ۽ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسڪول انتظاميه کي ڇڙٻون ڏنائين. هن ڪلاس رومن ۾ فرنيچر جي کوٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت بجيٽ جو 27 سيڪڙو تعليم لاءِ رکي ٿي پر سُڌ نه آهي ته خرچ ڪٿي ٿيندو آهي؟ سنڌ جي وڏي وزير ڊيوٽي ۾ غفلت ڪرڻ تي چيف مانيٽرنگ آفيسر (CMO) حنان، هيڊ ماستر مظهر علي ۽ ڊائريڪٽر اسڪولز يار محمد کي معطل ڪرڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا آهن. مقبول باقر گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج سيڪٽر ساڍا ٽي لانڍي جو دورو ڪيو وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪاليج ۾ رياضي جو استاد ناهي جنهن سبب پري انجنيئرنگ نه پئي پڙهائي وڃي. ڪاليج ۾ ڪمپيوٽر روم ته آهي پر هڪ به ڪمپيوٽر ناهي، جنهن تي هن ڪاليج جي کاتي کي هدايت ڪئي ته گرلز ڪاليج کي فوري طور ڪمپيوٽر فراهم ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.