چونڊن ۾ ليول پليئنگ فيلڊ ڦري وٺنداسين، نگران حڪومت کي ڪو به تجربو ناهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته پ پ ايندڙ اليڪشن ۾ ملڪ جي وڏي پارٽي ٿي اڀرندي، چونڊن ۾ ليول پليئنگ فيلڊ ڦري وٺنداسين. بلاول هائوس ۾ پ پ اڳواڻن سعيد غني، امتياز شيخ، سيد سردار شاهه ۽ گيانچند ايسراڻي سان گڏ پريس  ڪانفرنس ڪندي ڪندي مراد علي شاهه چيو ته نگران حڪومت کي حڪومت هلائڻ جو ڪو به تجربو نه آهي،سنڌ ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو ٺيڪ نه آهي. مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ کانپوءِ اڃا حالتون نه سڌريون آهن، سنڌ جي 24 ضلعن ۾ 21 لک گهر تباهه ٿيا، 70 سيڪڙو سنڌ ٻڏي وئي، ماڻهو مئا ۽ بي گهر ٿيا، پ پ چيئرمين بحاليءِ لاءِ آواز اٿاريو، جنهن بعد عالمي ادارن مدد ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سنڌ سرڪار ساليانو 280 ارب رپين جو پروگرام رکيو، 735 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ منظور ڪئي، نگران حڪومت ڀلي تختيون لڳرائي مون کي افتتاح ڪرڻ جو شوق نه هو، نگرانن وٽ عوام جي خدمت جي سگهه ئي نه آهي. هن چيو ته قانون چئي ٿو ته نگران حڪومت اهڙو ڪو به ڪم نه ٿي ڪري سگهي جيڪو ايندڙ حڪومت کي واپس وٺڻو پئي، ايندڙ حڪومت پ پ جي ئي آهي، ان ڪري مشڪلاتون پيدا ڪيون پيون وڃن. اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گڏيل قومن جو ادارو هاڻي صرف مذمت ڪرڻ وارو ادارو بڻجي ويو آهي، سمورن اسلامي ملڪن کي احتجاج ڪري گڏيل قومن جو ضمير جاڳائڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.