اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو آهي ته پئسا ڏيڻ مان لڳي ٿو ته فيض آباد ڌرڻي جو ماسٽر مائينڊ جنرل فيض هو. جيو نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته جنرل فيض ڌرڻي جي خاتمي بابت معاهدي ۾ گواهه طور صحيح ڪئي. وفاقي وزير چيو ته معاهدي کان پوءِ جنرل فيض چيو ته جيستائين مان صحيح نه ڪندس تيستائين معاهدو ڪامياب نه ٿيندو.