ڪابل(م ڊ) افغانستان جي طالبان حڪومت پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته ملڪ ۾ غير دستاويزي افغان شهرين کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي ڇو ته سرحد جي چيڪ پوسٽن تي دٻاءُ وڌيو آهي، هزارين ماڻهو وطن واپس اچي رهيا آهن، طالبان اهلڪارن لکين افغانين جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جو شڪريو ادا ڪيو جيڪي ڏهاڪن کان جاري ويڙهه دوران ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان افغان شهرين کي زبردستي ملڪ بدر نه ڪري پر کين تياري لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي.