افغانين جي نيڪالي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد ( م ڊ ) غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين کي نيڪالي ڏيڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. آرٽيڪل  3/184جي درخواست فرحت الله بابر، سينيٽر مشتاق ۽ محسن داوڙ داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ وفاق، صوبن، نادرا، پرڏيهي ۽ گهرو وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته نگران حڪومت جي وڏي انگ ۾ ماڻهن جي نيڪالي واري فيصلي کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ جنم وٺندڙن جي شهريت سندن حق آهي، قانوني دستاويز رکندڙ شهرين کي نيڪالي ڏيڻ غير قانوني آهي. پاڪستان ۾ غير قانوني پرڏيهين جي رهائش جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ غير قانوني افغانين جي واپسي جو عمل شروع ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.