ڪائنات سومرو لڄالٽ ڪيس ۾ ايس ايڇ او ميهڙ کي شوڪاز نوٽيس جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ميهڙ ۾ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ڪائنات سومرو ڪيس ۾ عدم پيشي تي ايس ايڇ او ميهڙ شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 2007ع ۾ ميهڙ ڀرسان گينگ ريپ جو نشانو بڻيل ڪائنات سومرو ڪيس جي جوابدارن جي بريت خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايڇ او ميھڙ کي پيش نه ٿيڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت ايس ايڇ او ميھڙ کي 15 نومبر تي وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.