ورلڊ ڪپ: اهم آسٽريلوي ڪرڪيٽر حادثي جو شڪار

احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ گلين ميڪسويل سخت مخالف انگلينڊ خلاف ميچ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آسٽريلوي آل رائونڊر گلين ميڪسويل انگلينڊ خلاف ورلڊ ڪپ ۾ انجري سبب نه کيڏي سگهندو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، آل رائونڊر گلين ميڪسويل گولف جي گاڏي تان ڪرڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته ميڪسويل زخمي ٿيو آهي، سندس صحت بابت وڌيڪ تفصيل بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.
ياد رهي ته گذريل سال نومبر ۾ هڪ دوست جي سالگرهه جي تقريب ۾ پنهنجي ڄنگهه ٽٽڻ کانپوءِ گذريل ٻارنهن مهينن دوران ميڪسيول سان پيش ايندڙ هي ٻيو واقعو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.