ملائيشيا جي بائيڪاٽ اسرائيل کي ڌڪ ڏئي ڇڏيو، مشهور برانڊ جو وڏو نقصان

غزا ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف مختلف ملڪن طرفان اسرائيلي شين جي بائيڪاٽ جو سلسلو جاري آهي، جنهن اسرائيل کي وڏو نقصان پهچايو آهي.
غزا ۾ اسرائيل جون بي رحماڻيون ڪارروائيون جاري آهن، صيهوني فوج طرفان ٻارن ۽ عورتن کي پڻ نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن خلاف سڄي دنيا مان آواز اٿي رهيا آهن.
اڳ اهڙن قدمن تي ملائيشيا اسرائيلي شين جي بائيڪاٽ جي اپيل ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ مشهور برانڊ اسٽاربڪس کي وڏو نقصان پهتو آهي.
ملائيشيا ۾ اسٽاربڪس جو به بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ رڳو ٽن هفتن دوران ڪمپني وڏي پئماني تي واهپيدارن جي کوٽ سبب پنهنجو آپريشن گهٽائي ڇڏيو.
بائيڪاٽ جي صورت ۾ امڪان آهي ته ڪمپني پنهنجا مختلف سينيٽر به بند ڪري ڇڏيندي، جيڪڏهن اهو ئي سلسلو جاري رهيو ته ٿي سگهي ٿو ته اهو برانڊ مڪمل طور بند ٿي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.