نگران حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران منافعو وڌائي ڇڏيو!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر گنجائش باوجود پيٽروليم شين جا اگهه نه گهٽائي عوام کي رليف کان محروم ڪري ڇڏيو.
نگران حڪومت طرفان ڊيزل تي 6 رپيا 44 پئسا ۽ پيٽرول تي 3 رپين کان وڌيڪ رليف عوام کي ڏيڻ بدران ڊيزل تي ليوي جي شرح 5 رپيا في ليٽر وڌائي وئي.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ڊويلپمينٽ ليوي 5 رپيا واڌ کانپوءِ 60 رپيا في ليٽر ٿي وئي، جڏهن ته پيٽرول تي ليوي اڳ ئي 60 رپيا في ليٽر مقرر آهي.
حڪومت ڊيزل تي في ليٽر 25 پئسا ايڪسٽرا مارجن لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڊيزل تي ڊيلر مارجن 41 پئسا وڌي 8.65 رپيا ٿي ويو.
هوڏانهن پيٽرول تي او ايم سي مارجن 47 پئسا في ليٽر وڌائي 7.87 رپيا ڪيو ويو، پيٽرول تي ڊيرل مارجن به 41 پئسا في ليٽر وڌي 8.64 رپيا ٿي ويو.
دستاويز موجب ڊيزل تي به تيل ڪمپنين جو مارجن 47 پئسا وڌايو ويو ۽ نئين شرح 8.12 رپيا مقرر ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.