ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رُپيا لاٿ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون ٻارنهن سئو رُپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک يارنهن هزار اٺ سئو رُپين جو ٿي ويو آهي.

ڏهه گرام سون جي قيمت 1029 رپيا لاٿ کانپوءِ هڪ لک 81 هزار 584 رُپيا آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 19 ڊالرز سستو ٿيڻ بعد 1996 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.