دنيا غزا ۾ جنگبندي لاءِ ڪردار ادا ڪري: نگران وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ غزا تي اسرائيل طرفان عام شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته گذريل ڏينهن پناهگيرن جي غزا ۾ فلسطينين خلاف وڌندڙ اسرائيلي جي جارحيت جي سخت مذمت ڪجي ٿي.

سندس چوڻ هو ته جباليا ڪيمپ تي هوائي حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت سوين جانين ضايع ٿيڻ افسوس جوڳو عمل آهي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته بيگناهه شهرين تي هوائي حملا اسرائيل جي ظلم جو واضح ثبوت آهن.

هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل جي اهڙين مذمت جوڳين ڪاررواين کي معاف ۽ وساري نٿو سگهجي، فلسطين ۾ قتل عام روڪرائڻ لاءِ دنيا کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي…….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.