غيرقانوني پرڏيهين جي گرفتاري ۽ ملڪ نيڪالي جو عمل شروع ٿي چڪو آهي: گهرو کاتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گهرو کاتي ملڪ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ ماڻهن جي نيڪالي بابت پڌرائي جاري ڪري ڇڏي.
گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾غيرقانوني طور رهندڙ هڪ لک چاليهه هزار ٽي سئو ٻاويهه پرڏيهي رضاڪاراڻي طور پنهنجي ملڪ واپس وڃي چڪا آهن،
پڌرائي موجب، پهرين نومبر کان غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي گرفتاري ۽ ملڪ نيڪالي وارو عمل شروع ٿي چڪو آهي، غير قانوني ترسيل پرڏيهين جي رضاڪاراڻي واپسي پڻ جاري رهندي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل اختيارين کي پاڪستان مان واپس ويندڙ ۽ ملڪ بدر ڪيلن سان سان عزت ۽ احترام سان پيش اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، خوراڪ ۽ طبي امداد سميت ضروري سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.